پنهل خان چانڊيو

پنهل خان چانڊيو

پنهل خان چانڊيو

پنهل خان چانڊيو: ايم. آر. ڊي تحريڪ جو سرگرم اڳواڻ خان چانڊيو'>پنهل خان چانڊيو، تعلقي سڪرنڊ جي ڳوٺ مير محمد چانڊيي ۾ رئيس مير خان چانڊيي جي گھر ۾ 1921ع ڌاري پيدا ٿيو. پنهون خان سچو، سادو ۽ بهادر سياسي ۽ سماجي شخصيت ٿي گذريو آهي. سندس تعليم سنڌي فائينل هئي. سياسي حوالي سان پنهنجي دوست ۽ اڳوڻي نگران وزيراعظم غلام مصطفيٰ جتوئيءَ جي صحبت ۾ پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو ۽ شروع کان آخر تائين پيپلزپارٽيءَ سان همدرديون رکيائين، توڙي جو سندس دوست غلام مصطفيٰ جتوئي پ پ پ کان ڌار ٿي نيشنل پيپلز پارٽيءَ نالي الڳ پارٽي ٺاهي ورتي هئي، پنهل خان چانڊيي جو اولاد اڄ سوڌو پ پ پ سان واڳيل آهي. خان چانڊيو'>پنهل خان چانڊيو، پنهنجي تر جي مختلف ذاتين جھڙوڪ: چانڊين، خاصخيلين، سولنگين ۽ مڱڻهارن وغيره جو چڱو مڙس هو. سندس خاصيت اها هئي ته هو عام ماڻهوءَ جي ڳالهه جو وڏو احترام ڪندو هو ۽ سندن هر ڏکئي وقت ۾ ساٿ ڏيندو هو. هن ايم. آر. ڊي تحريڪ دؤران آمر ضياء الحق سان مهاڏو اٽڪايو ۽ پنهنجي پٽ غلام عباس چانڊيي سان گڏ جيل جون سختيون به ڪاٽيون، مٿن سخت تشدد ڪيو ويو ۽ کين ڏهه ڏهه مهينا قيد جي سزا ڏني وئي. ايم. آر. ڊي جي هلچل دوران ڳوٺ پنهل چانڊئي جي سامهون نيشنل هاءِ وي، موجوده پنهل ٽرڪنگ اسٽيشن واري هنڌ تي 29 سيپٽمبر 1983ع تي فوج پاران بهادر ڳوٺاڻن جي احتجاجي جلوس تي سڌيون گوليون هلايون ويون، جنهن ۾16 ڄڻا شهيد ۽ ڪيترا زخمي ٿيا. انهن ڳوٺاڻن جي هٿياربند مدد ڪرڻ جي الزام ۾ ساڳئي ڏينهن تي پنهل خان چانڊئي کي گرفتار ڪري، پهرين ڊسٽرڪٽ جيل نوابشاهه ۽ پوءِ سينٽرل جيل خيرپور ۾ عتاب هيٺ رکيو ويو. هن قيد جون تڪليفون ۽ تشدد برداشت ڪيو ۽ آزاد ٿيڻ بعد جانبر نه ٿي سگهيو، ۽ 16 اپريل 1984ع تي ساهه ڌڻيءَ جي حوالي ڪيائين. سندس ان قربانيءَ جو محترمه شهيد بينظير ڀٽو کي به وڏو قدر هو، جنهن سندس هڪ فرزند (شهيد) غلام عباس چانڊيي کي صوبائي صلاحڪار مقرر ڪيو هو ۽ سندس ٻئي پٽ غلام قادر چانڊيي کي هڪ ڀيرو مرڪز ۾ سينيٽر ۽ ٻه ڀيرا سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر ڪرائڻ جي همت افزائي ڪئي. غلام قادر چانڊيو 2008ع جي چونڊن ۾ پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي PS-27 سڪرنڊ تان ڪامياب ٿيو ۽ صوبائي اسيمبليءَ جي ميمبر سان گڏ ضلعي شهيد بينظير آباد (نواب شاهه) پيپلز پارٽيءَ جو صدر آهي. پنهل خان چانڊيي کي ’ايم.آر.ڊي تحريڪ جو هيرو‘ چيو وڃي ٿو. سندس آخري آرامگاهه تعلقي سڪرنڊ ۾ سندس نالي سان موجود ڳوٺ پنهل خان چانڊيي ڀرسان راهو رتول قبرستان ۾ آهي.


لفظ پنهل خان چانڊيوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو